ڀليڏنو ڪاڪا

ڀليڏنو ڪاڪا: ضلعي مٽياري، تعلقي هالا جي ديهه ”پينگهرو جاگير“ ۾ هڪ ڳوٺ جو نالو، جنهن جي آبادي هزارن ۾ آهي. هتي پرائمري، مڊل، اسڪول، بجليءَ ۽ پڪي رستي جون سهولتون موجود آهن. مشهور سماجي ۽ قومي ڪارڪن، شاعر ، سنڌي ادبي سنگت ضلعي حيدرآباد جو اڳوڻو ضلعي رابطه سيڪريٽري ۽ استاد مولا بخش ڪاڪا (مرحوم) پڻ هن ڳوٺ جو رهواسي هو.


لفظ ڀليڏنو ڪاڪاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو